اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تباهي آڻيندڙ جنگي حڪمت عملين کان پاسو ڪرڻ ۽ پرامن حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي ترجيح هٿيارن ۽ هٿياربند فوج تي کربين ڊالر خرچ ڪرڻ بدران موسمياتي ??بديلي، گلوبل وارمنگ، بک، غربت، وبائي مرضن، بيمارين ۽ ناخواندگي جهڙن عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ گهرجي، دنيا کي بک، غربت ۽ ناخواندگي جهڙا چئلينجز درپيش اهن جنهن تي ??ٽڪل هڪ ٽريلين ڊالر خرچ ڪري ضابطو آڻي سگهجي ٿو جيڪو ترقي يافته دنيا جي فوجي خرچن کان تمام گهٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪم??نڊ اينڊ اسٽ??ف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ تربيت هيٺ غيرملڪي فوجي آفيسرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ج??گ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي ڇو ته اهو رڳو انسانيت جي لاءِ تباهي ۽ مصيبتون آڻي ٿي. هن ڳالهين ۽ مفاهمت جي ضرورت تي ??ور ڏنو جنهن سان عالمي ۽ علائقائي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته ج??گين دنيا جي مختلف خطن ۾ تباهي مچائي آهي ۽ خاص طور تي وچ اوڀر ۽ آفريقا ٻين ملڪن پاران مڙهيل جنگين ۽ گڏيل تڪرارن جي ڪري تباهي جو شڪار ٿيا آهن. هن ان ڳالهه تي ??وشني وڌي ته دنيا ۾ پولرائيزيشن ۽ ٻيهر صف بندي ٿي رهي آهي ۽ اسرن??ڙ ملڪن کي عالمي دشمنين ۾ غيرجانبدار رهڻ گهرجي. علائقائي تعاون بابت ڳالهه ڪندي صدر چيو ته آسيان جهڙيون ٻيون علائقائي تنظيمون اقتصادي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ ۾ تمام موثر ۽ ڪامياب آهن پر افسوس آهي ته ڀارت جي ڏاڍ واري رويي ۽ خطي جي ٻين ننڍن ملڪن تي ??الادستي قائم ڪرڻ جي ان جي خواهش جي ڪري سارڪ پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي پر بدقسمتي ??ان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ??ملدرآمد نه ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي ۽ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهري آبادي جي خل??ف ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري تي ??ور ڏنو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ??ملدرآمد ۾ مدد ڪري. صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين ۽ قربانين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي شڪست ڏني. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪم??نڊ اينڊ اسٽ??ف ڪاليج ڪوئيٽا پاڪستان جو سڀ کان قديم ۽ پريميئر فوجي تربيتي ??دارو آهي، هن وقت مختلف دوست ملڪن جا فوجي آفيسر هن ڪاليج ۾ تربيت هيٺ آهن جن ايوان صدر جو دورو ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Feasibility study sought for underground metro train
-
Funding Emoji Entertainment ki Sarkari Web Site
-
NAB arrests former PEPCO MD over misuse of authority
-
PPP leader Raja Riaz joins PTI
-
LUMHS holds candlelight vigil for Quetta victims
-
Ex-CJP slams Mardan suicide attack
-
MW Electronics آفیشل ڈاؤن لوڈ
-
فٹونگ الیکٹرانک کریڈٹ بیٹنگ انٹری کی اہمیت اور طریقہ کار
-
Jiaduobao الیکٹرانک سرکاری گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
ایس بی او اسپورٹس ریلیبلٹی بیٹنگ ایپ: کھیلوں کی دنیا میں محفوظ اور قابل اعتماد شرط بندی
-
یو جی اسپورٹس ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ گیٹ وے کا تعارف اور خدمات
-
امریکی بلیک جیک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ