اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي احتساب ب??ورو (نيب) تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور جي ٽن سالن ۾ 484 ارب روپيا وصول ڪيا آهن، جڏهن ته 1999ع کان 2017ع تائين صرف 290 ارب روپين جون وصوليون ٿيون، مسلم ليگ ن جي 10 سالا حڪومتي دور ۾ پنجاب جي بدعنواني جي خ??تمي واري کاتي جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي، جڏهن حڪومت ڏوهارين جو تحفظ نٿي ڪري ۽ احتساب جي مشينري کي بنا ڪنهن مداخلت ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي ته نتيجا حاصل ٿيندا آهن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلم ليگ (ن) جي 10 سالن جي حڪومتي دور ۾ ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ پنجاب ۾ اينٽي ڪرپشن جي کاتي جي ڪارڪردگي ۾ فرق نمايان آهي، هن چيو ته مسلم ليگ ن جي 10 سالن جي حڪومتي دور جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جي ابتڙ موجوده حڪومت جي 31 مهينن جي دوران پنجاب جي بدعنواني جي خ??تمي واري کاتي بدعنوان عنصرن کان 220 ارب روپيا واپس وصول ڪيا، وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ ن جي 10 سالن جي حڪومتي دور ?? صرف 2 ارب 60 ڪروڙ روپين جي زمين آجي ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته اسان جي حڪومت هن وقت تائين 192 ارب جي سرڪاري زمين آجي ڪرائي آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ?? صرف 43 ڪروڙ روپين جي مقابلي ۾ اسان جي دور ۾ 2 ارب 35 ڪروڙ روپين جي نقد رڪوري ٿي آهي، ان کانسواءِ مسلم ليگ (ن) جي 10 سالن جي حڪومتي دور ۾ ڪا سڌي طرح روڪ رقم وصول نه ٿي.
متعلقہ مضامین
-
Feasibility study sought for underground metro train
-
Funding Emoji Entertainment ki Sarkari Web Site
-
NAB arrests former PEPCO MD over misuse of authority
-
PPP leader Raja Riaz joins PTI
-
LUMHS holds candlelight vigil for Quetta victims
-
Ex-CJP slams Mardan suicide attack
-
MW Electronics آفیشل ڈاؤن لوڈ
-
فٹونگ الیکٹرانک کریڈٹ بیٹنگ انٹری کی اہمیت اور طریقہ کار
-
Jiaduobao الیکٹرانک سرکاری گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
ایس بی او اسپورٹس ریلیبلٹی بیٹنگ ایپ: کھیلوں کی دنیا میں محفوظ اور قابل اعتماد شرط بندی
-
یو جی اسپورٹس ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ گیٹ وے کا تعارف اور خدمات
-
امریکی بلیک جیک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ