اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، عمران خان جي شفاف اليڪشن جي جدوجهد جا مخالف ووٽن جي خريد، وڪري ۽ پئسي جي سياست جا باني آهن، عمران خان اقتدار بدران اصولن جي سياست ڪندو آهي، سموريون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آهن، ايندڙ چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جي ئي فتح ٿيندي، تحريڪ انصاف سدائين هر سطح تي صاف شفاف اليڪشن چاهي ٿي. هو پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپو??ِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن تفصيلي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته اليڪشن شفاف طريقي سان ٿين ڇو ته پئسي جي سياست سان اخلاقي قدر پائمال ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ سينيٽ جا ميمبر پئسي جي زور تي ايندا آهن، اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته ج??ڪڏهن مخالف ڌر منافقت نه ڏيکاري ها ته اڄ سينيٽ جي اليڪشن شفاف ٿئي ها، دراصل مخالف ڌر جي سياست مفادن ۽ پئسي جي چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ته ج??ڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت کي پاڙون مضبوط ڪرڻيون آهن ته اهڙين چونڊن طرف وڃڻو پوندو جنهن تي سو??ل نه اٿن.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan stock exchange hits record high, surpassing 119,000 points
-
ڈریگن لیجنڈ: تفریح کی دنیا کا بے تاج بادشاہ
-
سمن اور فتح کا سرکاری تفریحی ویب سائٹ کو فتح کرنے کا سفر
-
Hood vs Wolfe Entertainment کا سرکاری داخلی راستہ
-
Sindh governor rules out Daesh presence in Karachi
-
PM restructures UNs treaty on implementation
-
Newly-elected members of AJK Council take oath
-
3-day moot on inter-regional connectivity at GCU tomorrow
-
مرمیدز ٹریژر گیم پلیٹ فارم - جادوئی سمندری کھیل کا تجربہ
-
Jixiang Longhu سرکاری کھیل پلیٹ فارم کی ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
RSG الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
چائنا ریسورس گیم آفیشل ڈاؤن لوڈ انٹرنس کے بارے میں مکمل معلومات