اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت وڪيلن جي تحفظ جي لاءِ وڪيل تحفظ بل 2023ع پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ ۽ ڪپهه جي فصل کي آبادگارن جي لاءِ منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ 8500 رپيا في مڻ جي امدادي قيمت جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڪيلن جو پاڪستان جي آئيني ارتقا ۾ اهم ڪردار آهي. حڪومت وڪيلن جي تحفظ جي لاءِ وڪيل تحفظ بل 2023ع پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ڪپهه جي آبادگارن جي فصل کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ 8500 رپيا في مڻ جي امدادي قيمت جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. ايس ايم اي بئنڪ جي صارفين جي جمع ڪرايل رقم جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وائنڊنگ ڊائون دوران صارفين جي ڊپازٽس جي واپسي جو خاص خيال رکيو وڃي. ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي سيڪيورٽي اينڊ اي??سچينج ڪميشن آف پاڪستان جي مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن سان 15 گڏيل ۽ 2 گهڻ رخي مفاهمتي ياداشتن جي اي??س پوسٽ فيڪٽو جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا اس??يٽ بئنڪ جي سفارش تي ايس ايم اي بئنڪ جي وائنڊنگ ڊائون جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا هدايت ڪئي ته وائنڊنگ ڊائون دوران بئنڪ جي سمورن صارفين جي ڊپازٽس جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. پهرين مرحلي ۾ بئنڪ جي سمورن صارفين کي 5.557 ارب رپين جون ادائيگيون ڪيون وينديون. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي سعودي حڪومت پاران محمد وسيم اس??م ولد محمد اس??م جي سعودي عرب روانگي جي لاءِ اي??يشنل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ اي??سٽراڊيشن اي??ٽ 1972ع تحت انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. پاڪستان حڪومت جو سعودي حڪومت سان ڏوهارين جي حوالگي جي حو??لي سان معاهدو موجود آهي. محمد وسيم اس??م سعودي حڪومت کي قتل جي ڪيس ۾ گهربل آهي. وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان سک گردواره تي بنڌڪ ڪميٽي (پي ايس جي پي سي) جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني. ڄاڻايل 13 رڪني ڪميٽي ۾ سمورن صوبن مان سک برادري جي نمائندگي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اها ڪميٽي ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ گردوارن جي سارسنڀال، سک ياترين جي خدمت ۽ ٻيا انتظامي معاملا سنڀاليندي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 13 مارچ 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي جي پڻ توثيق ڪئي جنهن ۾ وڪيل تحفظ بل 2023ع جي منظوري ڏني وئي هئي. اهو بل سڄي ملڪ ۾ وڪيلن جي تحفظ جي لاءِ وڪيلن جي درخواست تي تيار ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 14 مارچ 2023ع ۽ 15 مارچ 2023ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. ان ۾ ڪپهه جي امدادي قيمت وڌائي 8500 رپيا في مڻ جو فيصلو پڻ شامل آهي.
متعلقہ مضامین
-
ATC issues arrest warrants for PTI workers for not showing up
-
17 India-backed militants killed at Pak-Afghan border
-
Nawaz sharif congratulates Pakistan’s leadership and military for their efforts
-
Savior-Sword سرکاری تفریحی داخلی راہ کی دلچسپ دنیا
-
دلچسپ جنگلی تفریح کی سرکاری ویب سائٹ
-
شہری ساکھ بیٹنگ ایپس: نئی رجحان یا سماجی خطرہ؟
-
Ban praises Pakistani peacekeepers contribution to world peace
-
LRH officials alleged for showing negligence in transgender case
-
Really looking forward to Trump helping Pakistan solve issues: India
-
CIA foils terror bid in Gujranwala, seizes arms and ammunition
-
وائلڈ ہیل آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل رہنمائی
-
وائلڈ ہیل آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل رہنمائی